ديوان سانگي جلد پهريون

ديوان سانگي (جلد پهريون): هيءُ ديوان مير عبدالحسين ’سانگي‘ جي سنڌي غزلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ رديفن مطابق الف-ب ترتيبوار غزل رکيل آهن. هي ديوان سانگيءَ رمضان 1310هه مطابق مارچ 1893ع ۾ تيار ڪيو، جيڪو ڇپجي نه سگهيو. ان کان پوءِ جيڪي غزل چوندو ويو، سي ديوان ۾ شامل ڪندو ويو، آخر 1901ع ۾ کيس اشاعت جو خيال آيو، جنهن جو اظهار شعر ۾ ڪيو اٿس:
عمر پنجاهه کي رسي سانگي!
سال ويا گذري طبع سال نه ٿي.
نيٺ هڪ ديوان تيار ڪري، ان جي ڪتابت ميان امداد علي بليديءَ کان ڪرائي لاهور مان 1903ع ۾ شايع ڪرايائين. هن پهرئين ديوان ۾ 180 غزل آهن ۽ آخر ۾ سانگي، گدا ۽ ميان وڏل علوي حيدريءَ جون قطع تاريخون ڏنل آهن. هي ديوان مير صاحب مصطفائي پريس لاهور مان 1903ع ۾ شايع ڪرايو هو، جنهن جي ڪچي جلد جي قيمت ٻارهن آنا ۽ پڪي جلد جي هڪ رپيو آهي. هي ساڳيو ديوان سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ’ڪليات سانگي‘ ۾ پڻ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو